ٿار 2

ٿار/ٿالهه گهمائڻ جي رسم: شاديءَ جي هڪ رسم، سنڌ ۾ شادين دوران ڪيتريون ئي رسمون ادا ڪيون وينديون آهن. ٿار گهمائڻ به انهن مان هڪ آهي، جڏهن گهوٽ ڄڃ وٺي ڪنوار جي گهر ايندو آهي ۽ لانئون لهي ڪنوار کي وٺي ويندو آهي، ان دوران هيءَ رسم ٿيندي آهي. ڪنواريتيون عورتون هڪڙي ٿالهه ۾ ڪڻڪ جو اٽو ڳوهي، ٿڦي، ان جي چوڌاري ننڍا ڪانا کوڙي وچ ۾ ڪڻڪ جي اٽي جا ست ڏيئا جوڙي، انهن ۾ ڳائو گيهه ۽ ماکي وجهي روشن ڪنديون آهن. ڪانن مٿان ڳاڙهو ڪپڙو وجهي، سڄي راڄ جون آيل مايون ان جي چوڌاري ڦرنديون ۽ ڳائينديون آهن. اهو ٿالهه ڪوٺاري (اَهنير) کڻندو آهي، پوءِ ان سان مذاق مسخريون ڪنديون، اهو ٿالهه ڪنهن واهه، واٽر يا تلاءَ ۾ اڇلينديون آهن. هن رسم بابت ڪيترائي ڳيچ به موجود آهن جيڪي هو چونديون آهن. اها ٿار/ٿالهه گهمائڻ جي رسم اڄ به ڪٿي ڪٿي ٻهراڙين ۾ رائج آهي. هن رسم جو ڳيچ، جڏهن ڪوٺاري ٿالهه کڻندو، ته عورتون هن ريت ڳائينديون آهن:
ڪوٺاري ڪوٺاري، ڊول بڊلو،
ڪوٺاري چيلهه ۾ کوڙيو ڪِلو


هن صفحي کي شيئر ڪريو